
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو: لوڪ ادب ۽ لسانيات جو پارکو
رضوان گل
سنڌي ادب ۾ ڪيترائي عالم، اديب، دانشور ۽ محقق پنهنجي قلمي پورهئي سبب انتهائي مانائتي مقام تي پهتا، جن پنهنجي سموري زندگي علم و ادب جي ترقي ۽ ترويج لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهڙن ئي مانائتن ۽ آدرشي انسانن ۾ سنڌي لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان اڻ وسرندڙ خدمتون سرانجام ڏيندڙ معتبر نالو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو پڻ آهي. 6 اپريل 1919ع تي ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ محراب خان سنديلو ۾ سندس جنم ٿيو. بنيادي تعليم کان پوءِ بي اي (آنرز) ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس 1957 ۾ پاس ڪيائين. روزگار جي شروعات 1947 ۾ تعليم کاتي ۾ استاد طور ڪيائين. 1954 ۾ سنڌي ادب جي ليڪچرار طور سندس تقرري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٿي. 74-1973 دؤران گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ ۾ پرنسپال طور مقرر ٿيو. تحقيقي ڪم ڪرڻ جي عادت هئڻ سبب هن سنڌي لوڪ ادب جي موضوع تي علامه غلام مصطفى قاسمي جي رهبريءَ ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ جي عنوان تحت تمام ڀرپور ۽ پُر مغز مقالو لکي، 1986 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي پاران اها ٿيسز ڪتابي صورت ۾ پڻ شايع ڪئي وئي.
سن 1951 ۾ هڪ ناياب ڪتاب ”وينجھار“ لکيائين، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ لوڪ ادب جي حوالي سان هڪ شاهڪار جي حيثيت رکندڙ آهي. ان دؤر ۾ حڪومت پاران ان ڪتاب تي کيس انعام پڻ مليو. ان ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا پڌرا ٿيا آهن ۽ اڄ تائين ”وينجھار“ لوڪ ادب تي هڪ اهم دستاويز آهي. سنڌي ادبي بورڊ پاران سندس ڪتابن مان 1956ع ۾ ”سامي ڌاتو ڪوش“، ”سنڌ جو سينگار“ ۽ 1955 ۾ ”لغات“ جو پنجون ڇاپو شايع ڪرايو ويو. ڊاڪٽر سنديلو ٻاهرين اديبن سان خط و ڪتابت ڪرڻ ۾ اڳڀرو هو جنهنڪري وٽس ٻين ٻولين جي ادبي ڪتابن جو پڻ ذخيرو موجود هوندو هو. سندس ذاتي لائبريري نه فقط لاڙڪاڻي پر سنڌ جي نهايت اهم ۽ ڪارائتين لائبريرين ۾ شامل هئي، جنهن ۾ قلمي نسخن کان سواءِ ڪيترين ئي ٻين ٻولين جا ڪتاب پڻ موجود هئا. اها لائبريري اڄ تائين قائم آهي سنديلي صاحب جي فرزند ڊاڪٽر اسلم سنديلي ان کي بهتر انداز سان محفوظ پڻ رکيو آهي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي لوڪ شاعرن جي ڪلام کي ترتيب ڏئي مختلف ڪتاب پڻ سهيڙيا. جن ۾ ”ساميءَ جون سپون“، ”ڪليات حسين ديدڙ“ ۽ ”ڪليات شاھ محمد ديدڙ“ وغيره شامل آهن. اهڙيءَ ريت لوڪ ادب جي حوالي سان سندس لکيل ڪتاب وينجھار، سنڌ جو سينگار، ڏهس نامو، رهبر ديوان گل، انگي اصول، ابتدائي اصول ۽ ابتدائي سائنس پڻ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن ۽ سنڌي ادب ۾ ريفرنس بڪ جي حيثيت رکندڙ آهن.
لغات جي شعبي ۾ ڊاڪٽر صاحب جون ڪيل خدمتون ڪنهن به ريت فراموش ڪرڻ جهڙيون نه آهن. کيس سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ فارسي، سنسڪرت، هندي، گجراتي، اردو ۽ انگريزي جي پڻ ڪافي ڄاڻ هئي. جامع سنڌي لغات جي تحقيقي ڪم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان هڪ سال تائين ريسرچ اسسٽنٽ طور پڻ ڪم ڪيائين. سچل يادگار ڪاميٽي خيرپور پاران ڇپايل ”سچل لغات“ تي کيس گولڊ ميڊل پيش ڪيو ويو. ادبي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان پاران کيس ”ستاره امتياز“ سان پڻ نوازيو ويو. پاڻ ادب جي ٻين مختلف موضوعن تي ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون تحرير ڪيائين، سندس ڇپيل ڪتاب ”ڏهس نامي“ کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران پهريون نمبر انعام ڏنو ويو.
تحقيقي ڪم فقط ڪتب خاني ۾ ويهي ڪتابن جي ورق گردانيءَ تائين محدود ناهي هوندو، ان لاءِ جھر جھنگ به جھاڳڻا پون ٿا ۽ انهيءَ حوالي سان لوڪ ادب بابت مواد جي ميڙي چونڊي لاءِ ڊاڪٽر سنديلو سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سگھڙن سان وڃي مليو ۽ نج پج سنڌي لوڪ ادب جي صنفن سينگار، ڏهس، مداحون، پرولي، هنر، ڏور، مولود، لوڪ آکاڻي ۽ لوڪ گيت بابت تمام گھڻو بنيادي مواد حاصل ڪيو، جن تي بعد ۾ تفصيلي طور تحقيقي ڪتاب ۽ مقالا لکيا.
ڊاڪٽر سنديلي جي شخصيت جو لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ کان علاوه هڪ تمام اهم حوالو قابل استاد، تعليمي ماهر ۽ بهترين منتظم وارو پڻ آهي. سندس نوڪريءَ جو تمام گھڻو عرصو ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ گذريو، جنهنڪري 1964 کان وٺي 1979 تائين مسلسل تعلق درس و تدريس سان رهيو ۽ هزارين شاگردن سنديلي صاحب جي قابليت مان فيض حاصل ڪيو. نه فقط لاڙڪاڻي، پر سموري سنڌ ۾ سندس سڃاڻپ هڪ اديب ۽ محقق کان علاوه قابل استاد طور پڻ هئي، جنهنڪري سڄي سنڌ ۾ کيس هڪ برک استاد واري عزت ۽ احترام پڻ ملندو رهيو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي تقريباً 25 ناياب ڪتاب ۽ مختلف ادبي موضوعات تي ڪيترائي بي بها مقالا ۽ مضمون پڻ لکيا، جن جي سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت آهي.
5 اپريل 1979 تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان بحيثيت پرنسپال رٽائرمينٽ وٺي پنهنجي ادبي پورهئي سان لاڳاپيل رهيو. پاڻ 2 جنوري 1990 تي وفات ڪري ويو، جنهنڪري سنڌي ادب کي ڪاپاري ڌڪ رسيو ۽ لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪنهن اداري کان به مٿاهون ۽ وڌيڪ ڪم ڪري ادب کي مالامال ڪندڙ هي شخص اسان کان وڇڙي ويو، پر سندس ڪم کي هميشه ياد رکيو ويندو.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: 2 جنوري 2017
شاهين لطيف ، سنڌي ،, 2 جنوري 2014
سنڌي ٻوليء جو محسن ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
فهميده حسين
سنڌي ٻوليء جا ڪي اھڙا محسن ٿي گذريا آھن جن جو ڪيل ڪم وڏن نالي ڪٺن عالمن کان وڌيڪ اعليٰ ۽ وسيع علمي معيار رکي ٿو، پر انھن کي پنھنجي دور ۾ توڙي ان کان پوء بہ اوترو ڪريڊٽ ڪونہ مليو جيترو سندن حق ھو، انھن مان ھڪ تمام وڏو عالم ۽ سنڌي ٻوليء جو منفرد محقق سائين ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو بہ ھڪ ھو. ھو پنھنجي نوڙت، انڪساري واري مزاج ۽ پاڻ پڏائڻ کان پاسو ڪرڻ واري سڀاء سبب زندگيء ۾ اھا مشھوري ۽ پذيرائي حاصل ڪري نہ سگھيو جنھن جي ھو لائق ھو. ھن ۽ سندس جھڙن ٻين ڪن عالمن جي ڪيل پورھئي جو ڪريڊٽ بہ سندن بدران ٻين کي ملندو رھيو آھي.
اسين رڳو ڊاڪٽر سنديلي جي خالص پنھنجي ڪيل پورھئي ذريعي تيار ڪيل ڌاتو ڪوش، اشتقاقي لغتون ۽ مختلف شاعرن جي لغتن يا ٻوليء جي نزاڪتن بابت ڪيل ڪم ٿا ڏسون يا لوڪ ادب بابت ڪيل منفرد تحقيق جو جائزو ٿا وٺون تہ يقين نٿو اچي تہ اھو صرف ھڪ فرد جو ڪيل پورھيو آھي جنھن کي اھڙي مڃتا ڪانہ ملي جھڙي وڏن وڏن ادارن طرفان وڏي اسٽاف ۽ ڪروڙن جي بجيٽن وارين اسڪيمن تحت اھڙا ڪم ڪرائيندڙن کي ملندي رھي آھي. آئون سندس لائق اولاد کي جس ڏيندس جن پنھنجي والد جي علمي ادبي اھميت کي اجاگر ڪرڻ جو سعيو ڪري کيس سنڌي سماج ۽ ادبي دنيا ۾ نئين سر زندہ جاويد ڪرڻ لاء ھڪ اڪيڊمي جوڙي پاڻ پتوڙيو آھي. ھاڻي وقت اچي ويو آھي تہ اسين پنھنجي گمنام ھيروز کي اھو ڪريڊٽ ڏيون جيڪو ھو لھڻن ٿا.
مون سنڌي ٻوليء بابت ڊاڪٽر صاحب جي ڪيل ڪم مان گھڻو ڪجھ پرايو ۽ رسمي طور سندس شاگرد نہ ھئڻ باوجود آئون کيس پنھنجو استاد مڃان ٿي. مون کي يقين آھي تہ سندس ڪم جي ٻيھر اشاعت سان ٻيا بہ ڪيترا ادب ۽ ٻوليء جا شاگرد وڏو لاڀ پرائيندا.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو: لوڪ ادب ۽ لُغت جو ماهر
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
سنڌي ٻوليءَ جي سپورنج، لوڪ ادب، لغات ۽ لسانيات جي ماهر، محقق، اديب ۽ نقاد، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو جنم ۶ اپريل ۱۹۱۹ع ۾ ڳوٺ محراب خان سنديلي ۾ ٿيو. ڊاڪٽر عبدالڪريم جي والد صاحب محراب خان سنديلي جي نالي سان قائم ”ڳوٺ محراب سنديلو“ هاڻوڪي تعلقي باقراڻي/باک راڻي، ضلعي لاڙڪاڻو جو اهم ڳوٺ آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ستر ورهين جي ڄمار ماڻي، ۲ جنوري ۱۹۹۰ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. جيئن ته منهنجو ڳوٺ محراب پور به هاڻي تعلقي باقراڻي/باک راڻي ضلعي لاڙڪاڻي جو اهم ڳوٺ آهي. اسان ننڍپڻ ۾ جيڪي وڏا نالا ٻُڌا جيڪي اسان جي تر ۽ جوءِ جا وڏا ماڻهو هيا، انهن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو انهن ۾ شامل رهيا آهن. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو نالو اسان پنهنجي اسڪول جي ڪتابن ۾ پڙهيو ۽ پوءِ مختلف موقعن ۽ مختلف حوالن سان، لوڪ ادب جي پارکو هجڻ واري سڃاڻپ سان سندس نالو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمتگارن ۾ مٿانهون نظر آيو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب، ننڍپڻ کان ئي علم دوست، ذهين ۽ نهايت ئي اورچ شخصيت جو مالڪ هئو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پرائمري استاد جي حيثيت سان پنهنجي عملي ۽ علمي سفر جي شروعات ڪئي. ڊاڪٽر عبدالڪريم مختلف تعليمي ادارن ۾ مختلف عهدن تي رهندي تعليم جي خدمت ڪئي ۽ پنهنجي ادبي سفر کي جاري رکيو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، هاءِ اسڪول ٽيچر، اسسٽنٽ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر، ليڪچرار، پروفيسر ۽ پرنسپال جي عهدي تي رهندي ۵ اپريل ۱۹۷۹ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ريٽائرمينٽ ورتي. جنهن جو خاص سبب هيو، (۴ اپريل جو تاريخ سانحو“.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پنهنجي لکڻ جي شروعات نصابي ڪتابن لاءِ سبق لکڻ سان ڪئي، اڳتي هلي ”نئون سنڌي گرامر“، ”تاريخ سنڌ“، ”اسلامي تاريخ“، ”رهبر ديوان گل“، ”رهبر روح رهاڻ“، ”انگي اصول“، ”علم بديع“ جهڙا ڪتاب لکيا جن کي تمام گهڻي اهميت، مڃتا ۽ پذيرائي ملي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بي اي ۽ ايم اي جو ممتحن رهڻ سان گڏ پي ايڇ ڊي گائيڊ پڻ رهيو، سندس وابستگي ريسرچ اسڪيمن تائين محدود نه هئي. پاڻ ڪيترن ئي ادبي ۽ تعليمي ادارن ۾ ميمبر جي حيثيت سان لاڳاپيل رهيو. اڪيڊمڪ ڪائونسل سنڌ يونيورسٽي، ميمبر بورڊ آف اسٽيڊيز، ميمبر نظرثاني ڪميٽي بيورو آف ڪريڪيولم، ميمبر بورڊ آف گورنرز، سنڌالاجي، ميمبر سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر ٽه ماهي مهراڻ، ايڊيٽوريل بورڊ، ميمبر شاهه لطيف يونيورسٽي، ميمبر سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ۽ ميمبر لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ڄاڻايل ادارن لاءِ پنهنجون علمي ۽ ادبي خدمتون انجام ڏيندي، انهن ادارن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ نهايت ئي ڪارگر صلاحون ڏئي، انهن ادارن جي نيڪ ناميءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب ”لوڪ ادب“ جي حوالي سان لوڪ شاعريءَ کي سهيڙي سوڌي ۽ سنواري نئين رنگ ڍنگ سان ترتيب ڏئي. ”ڪليات شاهه محمد ديدڙ“، ”ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي“ ۽ ”ڪليات حسين ديدڙ“ جهڙا اُملهه ڪتاب لوڪ شاعريءَ جي سٽاءَ جي حوالي سان نهايت ئي اهم حيثيت رکندڙ ڪتاب ڄاتا وڃن ٿا.
لوڪ ادب جي سلسلي ۾ سندس ٻيا ڪتاب ”وينجهار“، ”سنڌ جو سينگار“، ”ڏهس نامون“ ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ جامع ڪتاب آهي ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ جنهن جي اڀياس کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، سنڌي ”لوڪ ادب“ بابت نهايت ئي اعليٰ پايي جو ڪتاب سهيڙيو آهي جيڪو ”لوڪ ادب“ جي حوالي سان اوائلي/بنيادي ۽ معياري ڪتاب آهي جنهن ۾ ”لوڪ ادب“ جي سمورين صنفن بابت تحقيقي جائزو ڏنو ويو آهي ۽ ساڳي وقت تحقيقي ڪم جي حوالي سان هڪ نئون رستو کولي ڇڏيو آهي. ”لوڪ ادب“ جي حوالي سان هيءُ ڪتاب بنيادي ۽ اوائلي کوجنا ڪاري جو هڪڙو دستاويز آهي، جنهن کي سامهون رکي تحقيق کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ پيڪاڪ پبلشرس ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اڪيڊمي واڌايون لهڻي جن لوڪ ادب جي سهيڙ-سنوار ۽ ٻيهر ڇپائيءَ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي.
ڊاڪٽر اسلم سنديلو ۽ ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، جنهن نموني سان لوڪ ادب. لغات، لسانيات، گرامر، صورت خطي جي معاملن سميت پهاڪن، چوڻين ۽ لوڪ آکاڻين کي سهيڙي، تحقيقي انداز سان نئين سر ڇپائي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جهولي ڀري رهيا آهن اهو نهايت ئي سونهندڙ ۽ اتساهيندڙ عمل آهي جنهن کي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جا عاشق احترام جي نگاهه سان ڏسن ٿا. ڪتاب ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“سنڌي ”لوڪ ادب“ بابت مڪمل ۽ مستند ڪتاب آهي، جيڪو وڏي جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ”لوڪ ادب“ بابت هر هڪ صنف جي تاريخي پس منظر، استعمال ۽ ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعري مان موزون مثال ڏنا ويا آهن. انوکن ۽ ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي پڻ ڏني وئي آهي، جي پڙهڻ کانپوءِ ڪابه کوٽ نه ٿي رهي، جيڪي عالم ۽ شاگرد سنڌي ٻولي ۽ ”لوڪ ادب“ بابت ٿورو گهڻو چاهه رکن ٿا، انهن کي هيءُ ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي.
”ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اڪيڊمي“ پاران جامع پروگرام هيٺ سنڌ جي اصلوڪي ادب يعني ”لوڪ ادب“ کي نئين انداز ۾ پڙهندڙن لاءِ پيش ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. جنهن مطابق لوڪ ادب جي بنيادي صنفن، پرولي، ڳجهارت، ڏور ڏهس، سينگار، هنر، مداحون، مناظرا، لوڪ گيت، ٻاراڻا ٻول، لوڪ ڪهاڻيون، پهاڪا، چوڻيون انهن بابت الڳ الڳ مڪمل ڪتاب تيار ڪيا ويندا ته جيئن نوجوان نسل کي اصل ”لوڪ ادب“ ۽ ٻولي جي ماهيت ۽ جوڙجڪ جي خبر پوي.
خوشقسمتيءَ سان مٿي ذڪر ڪيل صنفن بابت بنيادي ڄاڻ محترم سائين ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب ڏني آهي، ان کان پوءِ ئي ٻين محققن ان طرف توجهه ڏنو، جنهن ۾ مان واري سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو پلڙو ڀاري ٿو ڀانئجي.
حقيقت ۾ اها بنيادي ذميواري ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي آهي جنهن هڪ رٿا منظور ڪري، لوڪ ادب جي مختلف صنفن بابت ۴۰ڪتاب شايع ڪيا. ان رٿا مطابق ان کي اڃا ”پهاڪن“ ۽ ”چوڻين“ تي ڪتاب آڻڻا آهن. پر ”لوڪ ادب“ جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۸۰ کان وڌيڪ ڪتاب ترتيب ڏئي سنڌي ادب/لوڪ ادب کي شاهوڪارڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
اسان جي اها پختي راءِ آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، ڦهلاءَ ۽ بچاءَ لاءِ ”لوڪ ادب“ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ سٽاءَ کي جيڪي ڪجهه سمجهيو ويو آهي ان آڌار تي ان نتيجي تي پهتو آهيان ته سنڌي ٻوليءَ کي رس راءِ، ڦلدار، سهڻو، پائدار، وسيع ۽ با محاوره بڻائڻ ۾ لوڪ ادب جو ئي خاصو ڪردار رهيو آهي. اسان جو ”لوڪ ادب“ ان حوالي سان تمام گهڻو پائيدار رهيو آهي. ان جو مٽ ۽ ثاني ڏيهي ٻولين ۾ ڪونه سُجهي، ها. البت ڪنهن حد تائين هندي ٻولي ان سان برميچي سگهي ٿي، پر ان ۾ به ايتريون صنفون موجود نه آهن.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب هن ڪتاب جي ارپنا ۾ لکيو آهي ته: ”لوڪ ادب“ جي سنُوپري سپورنج ۽ علم ”لغات، جي ماهر، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نالي، جنهن سنڌي زبان، سان نينهن نڀائڻ خاطر، ساري سنڌ جو ترو تانگهي، سنڌي ادب کي اوچي پنڌ تي پهچايو آهي“. سنڌي ”لوڪ ادب“ جون پاڙون پاتال ۾ پيٺل آهن، ان جا بنياد ويدن تائين وڃن ٿا، تاريخ جي هر دور ۾باشعور، سماج سڌارڪ، سپورنج ۽ سڄاڻ ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن مهل موقعي جي مناسبت سان ڪونتل ڪڏايا آهن ۽ پنهنجي گفتن سان ڪچهرين کي رس ڀريو بنايو آهي. ٻهڳڻن جا اهي ٻول، حقيقتن جو آئينو بڻجي صدين تائين گونجندا رهيا آهن، جيڪي سيني به سيني صدين جو سفر ڪري، وقت سان گڏ وڌندا، ويجهندا اسان تائين پهتا آهن، اهي سنڌي ٻوليءَ جو قيمتي سرمايو آهن، اسان کي انهن وينجهارن جي ويچارن جو نه صرف اُونهو اڀياس ڪرڻ گهرجي، پر انهن کي جديد انداز ۾ سانڍي پنهنجي نئين نسل تائين پهچائڻ گهرجي. اهڙيون ڪامياب ڪوششون سڌريل قومون ڪنديون رهيون آهن.
هن وقت تائين ٿيل تحقيق مطابق ”لوڪ ادب“ جي حوالي سان، مصري، سميري، ڪلداني، آرامي، عبراني وغيره ٻولين ۾ ڪيئي ڪتاب پڌرا ڪيا ويا آهن. انهن ۾ اهم ڪتاب حضرت سليمان جا پهاڪا (Proverbs Solomon) آهي جنهن ۾ ۳۰۰۰ کان وڌيڪ پهاڪا، چوڻيون ۽ سهڻا سخن شامل آهن، اهڙي طرح سنسڪرت ۽ چيني ٻولين ۾ پڻ ڏاهن جا قول الڳ ڪري ڇپايا ويا آهن، جن جي قدامت جو ڪاٿو ۱۰۰۰ سال قبل مسيح لڳايو ويو آهي.
يقينن اسان جي ٻوليءَ ۾ به هزارن جي انگ ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن، پر جيئن ته سنڌو لکت اڃا پڙهجي نه سگهي آهي، ان ڪري اها ڳالهه خاطريءَ سان ڪري سگهجي ٿي ته انهن مان سون جي تعداد ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ اسان وٽ اڄ به رائج آهن. جيئن ته چوڻيون ۽ پهاڪا هزارن سالن جي تجربن ۽ مشاهدن ۽ سماجي حقيقتن تي آڌاريل هوندا آهن، سي ڪڏهن به ختم نه ٿيندا آهن، اهي روپ مٽائيندا، نوان ويس پهريندا هر دور ۾ نئين رنگ ڍنگ سان نمودار ٿيندا آهن. ”لوڪ ادب“ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيو آهي ته ۱۹۳۰ع کان وٺي ”لوڪ ادب“ جي سهيڙڻ واري ڪم ۾ هيٺين عالمن ڪوششون ڪيون. الا بخش نظاماڻي (سنڌي ”لوڪ ادب“ جي ارتقائي تاريخ) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (ٻولاين جا ٻول) عبدالحسين شاهه موسوي ۽ محمد ابراهيم عباسي (سرهاڻ)، (سڳنڌ) ايم اي بزمي (ڳجهارتون) پيتامبر داس سهجرام (پروليون) حاجي عنايت الله زنگيجو (لاڙين جون لاتيون)، محمد سومار شيخ (ڪڇين جا قول)، مريد فقير مهيري (ڳوٺاڻا بيت)، خليفو بلال الدين قريشي (سينگار)، کيمچند ڀيمو مل (پروليون)، مقبول صديقي (ڳجهارتون)، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (ڏور) ۽ ثناءُ الله ثنائي (ٽيهه اکري) مٿين ڄاڻ سنڌالاجي طرفان ڇپايل ڪتاب جي ببليوگرافي ۱۹۷۶ع تان ورتل ڄاڻائي وئي آهي.
جڏهن اڃا عام محققن جو ”لوڪ ادب“ طرف ڪاڍوئي ڪو نه هو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب ”لوڪ ادب“ بابت تحقيقي مقالا لکيا. ان جي اهميت ۽ افاديت کان نه صرف عالمن، اديبن، محققن کي آگاهه ڪيو پر ان اصلي ادب ”لوڪ ادب“ جي لاءِ ميدان هموار پڻ ڪيو، ته جيئن سڄي سنڌ ۾ ٽڙيل پکڙيل مواد ميڙي ڪٺو ڪجي ان ڏس ۾ سائين عبدالڪريم سنديلي صاحب پنهنجي هڙان وڙان ۱: وينجهار ۱۹۵۰ع، ۲: سنڌ جو سينگار ۱۹۵۶ع، ۳: ڏهس نامو ۱۹۶۹ع، ۴: ڪليات حسين ديدڙ (سگهڙ) ۱۹۷۱ع، ۵: ڪليات شاهه محمد ديدڙ، ۶: ڪليات خان محمد چنجڻي، ۷: پهاڪن جي پاڙ، ۸: اصطلاحن جي اصليت، ۹: ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ ۱۹۸۶ع ۾ شايع ڪرايو.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، جنهن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختلف موضوعن تي نهايت ضخيم ۽ تحقيقي مقالا لکي، سنڌي ادب جي تمام گهڻي خدمت ڪئي، لسانيات جي صنف ۾ پنهنجي قلم کي خوب ڪڏايو، سنڌي ادب جي ڪينواس تي پهاڪن جي پاڙ، اصطلاحن جي اصليت، جهڙا مايه دار ڪتاب نمودار ٿيا، سٽاءَ ۽ ترتيب جي حوالي سان سندن ڪتاب ”مڪلي“ ٽڪري جو سير، به پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
ڊاڪٽر صاحب، جن لغت جهڙي چيڙهالي ڪم کي، پنهنجي تحقيق جو پسنديده موضوع بڻايو، ان حوالي سان سندس تحقيق جو انداز نرالو آهي. اڳتي هلي ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڏنل ڏس سان سهمت ٿي، ٻه قدم اڳتي وڌي ڪري، لفظن جي پڻ بنياد تي نئين تحقيقي انداز سان ڪم ڪيائون ۽ ڪيترائي شهپاره تخليق ڪيائون، ”تحقيق لغات سنڌي“، ”سامي ڌاتو ڪوش“ ۽ ”سچل لغات“ جهڙين ناياب لغتن جي ڇپجڻ کان پوءِ ڊاڪٽر سنديلي جي مڃتا هڪ مها لغت دان جي حيثيت ۾ ٿيڻ لڳي، اشتقاق لغات لطيف ڊاڪٽر سنديلي صاحب جي اها ڪاوش آهي، جنهن جي تڪميل لاءِ هميشه ڪوشان رهندا هئا ۽ آخري گهڙي تائين سلهاڙيل رهيا، ويهن سالن جي لڳاتار مشقت کان پوءِ به ”اشتقاق لغات لطيف“ مڪمل نه ٿي سگهي، کين جيڪڏهن ڪجهه وقت ملي پوي ها ته شايد، سندن زندگيءَ ۾ ئي وڏي آب ۽ تاب سان شايع ٿي پوي ها، ”اشتقاق لغات لطيف“ هينئر ڇپائي هيٺ آهي، جا تمام جلد پڙهندڙن جي هٿ ۾ هوندي ڊاڪثر عبدالڪريم سنديلو پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل اداري جي حيثيت جو حامل هئو، هن پورهيت اديب پنهنجي پونجي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج تي خرچ ڪري، سنڌي ادب جي سينڌ سنواري، ڊاڪٽر صاحب جن نه صرف لغات ۽ لسانيات جي فيلڊ ۾ پاڻ مڃايو. پر ”لوڪ ادب“ تي به نئين تحقيقي انداز سان ڪم ڪيائون، هي ڪتاب ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ ان جو ثبوت آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جي ڪيل ڪم تي جيڪڏهن سر سري نظر وجهبي ته اها راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي ته بلا شبهه، ڊاڪٽر سنديلو، لسانيات، لغات ۽ ”لوڪ ادب“ جي دنيا جو يگانو شهسوار هو، سندن ڪيل تحقيقي پورهيي کي دنيا قدر جي نگاهه سان ڏسڻ سان گڏ دل جي گهراين سان جڳن تائين ياد ڪندي رهندي. اسان جو هي عالم، اسڪالر، اديب، ڏاهو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو عاشق ۲ جنوري ۱۹۹۰ع تي اسان کان موڪلائي ويو.مددي ڪتاب ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“
سليمان وساڻ, 2 جنوري 2020
لوڪ ادب – ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
ڊاڪٽر آفتاب ابڙو
سنڌي لوڪ ادب جون پاڙون پاتال ۾ بيٺل آهن، ان جا بنياد ويدن تائين وڃن ٿا. تاريخ جي هر دور ۾ باشعور، سماج سڌارڪ، سپورنج ۽ سُڄاڻ ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن مهل موقعي جي مناسبت سان ڪؤنتل ڪڏايا آهن، ۽ پنهنجن گفتن سان ڪچهرين کي رس ڀريو بنايو آهي. ٻهڳڻن جا اُهي ٻول، حقيقتن جو آئينو بنجي، صدين تائين گونجندا رهيا آهن، جيڪي سيني به سيني صدين جو سفر ڪري، وقت سان گڏ وڌندا، ويجهندا اسان تائين پهتا آهن. اُهي سنڌي ٻوليءَ جو قيمتي سرمايو آهن. اسان کي انهن وينجهارن جي ويچارن جو نه صرف اونهو اڀياس ڪرڻ گهرجي، بلڪ انهن کي جديد انداز ۾ سانڍي، پنهنجي نئين نسل تائين پهچائڻ گهرجي. اهڙيون ڪامياب ڪوششون سڌريل قومون ڪنديون رهيون آهن.
هن وقت تائين ٿيل تحقيق مطابق لوڪ ادب جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جي همعصر ٻولين: مصري، سُميري، ڪلداني، آرامي، عبراني وغيره ۾ ڪيئي ڪتاب پڌرا ڪيا ويا آهن انهن ۾ اهم ڪتاب حضرت سليمان جا پهاڪا (Proverbs of Solomon) آهي. جنهن ۾ 3000 کن پهاڪا، چوڻيون ۽ سهڻا سخن شامل آهن. اهڙي طرح سنسڪرت ۽ چيني ٻولين ۾ پڻ ڏاهن جا قول الڳ ڪري ڇپايا ويا آهن، جن جي قدامت جو ڪاٿو 1000 سال ق.م لڳايو ويو آهي.
يقيناً اسان جي ٻوليءَ ۾ به قديم دور جا هزارن جي انگ ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن، پر جيئن ته سنڌو لکت اڃا نه پڙهجي سگهي آهي، انڪري، اسان ان دور جي پهاڪن جي پاڙ جي باري ۾ يقيني طور ڪجهه نه ٿا چئي سگهون، البت اها ڳالهه خاطريءَ سان ڪري سگهجي ٿي ته انهن مان سوَن جي تعداد ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ اسان وٽ اڄ به رائج آهن. جيئن ته پهاڪا ۽ چوڻيون هزارن سالن جي تجربن، مشاهدن ۽ سماجي حقيقتن تي آڌاريل هوندا آهن، سي ڪڏهن به ختم نه ٿيندا آهن، اُهي روپ مٽائيندا، نوان ويس پهريندا هر دور ۾ نئين رنگ ڍنگ سان نمودار ٿيندا آهن.
مون کي ته حيرت ٿي، جو حضرت سليمان عليہ السلام جي پهاڪن جي سنڌي پهاڪن سان ڪافي هڪ جهڙائي آهي. ٻوليءَ جو سٽاءُ ۽ لهجو به ساڳيو آهي. جيئن حضرت سليمان فرمائي ٿو ته: ”بري ڀاءُ کان ڀاءُ نه هجڻ چڱو آهي.“ سنڌي: ”ڀاڙئي ڀاءُ کان کٽ خالي چڱي“، حضرت سليمان: ”جيڪو نانگ کان ڏنگيل هوندو، سو نوڙيءَ کان پيو ڊڄندو“، سنڌي:
”نانگ کاڌو نوڙيءَ کان ڊڄي“ ۽ ”کير جو کانيل جهڻ ڦوڪي پيئي“، حضرت سليمان: ”بيوقوف تي ڪڏهن ڀروسو نه ڪجي“ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”بيوقوف بازار ۾ سنگتي نه کڻجي ساڻ“.
لوڪ ادب ۾ وڏي گهرائي ۽ مڻيا سمايل هوندي آهي، اها رواجي طور ڪا نه سمجهي سگهبي! ان لاءِ وڏي ويچار جي ضرورت هوندي آهي. اها ڳالهه ذهن نشين هئڻ گهرجي ته ’لوڪ ادب‘ ڏاهن جي ڏات آهي، سيبتن جي سوچ آهي. گوهر پنهنجا اُهي گفتا ڪنهن مهل موقعي تي ايندڙ حالتن کي آڏو رکي ويچاريندا آهن. جنهن ۾ اونهو فڪر، ڏاهپ ۽ ڪو نه ڪو نُڪتو شامل هوندو آهي. جيڪڏهن لوڪ ادب جي ڪنهن به رچنا ۾ اهي شيون شامل نه هجن ته پوءِ اُها رواجي ڳالهه ٿيندي ۽ وقت سان گڏ، وسارجي ويندي. مثلاً: سنڌي چوڻين تي ٿورو غور ڪيو ته: ”ڀلي بک ڀرم جي شل نه وڃي شان“، ”چريا ٿياسين، يار پرکياسين.“ ”اهو ڪي ڪجي، جو آئيءَ ويل ڪم اچي“، ”ديسي سيڻ ڪجن، پرڏيهي ڪهڙا پرين“، ”نه عيسى نه موسى وڏا پير پيسا“ وغيره ڪنهن نه ڪنهن سماجي پسمنظر جي نشاندهي ڪن ٿا، پهاڪي جڙڻ ۽ سماج ۾ رائج ٿيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ صدي درڪار هوندي آهي. مٿي ذڪر ڪيل چوڻين جي ٻوليءَ جي سٽاءَ کي سامهون رکي، اندازو لڳايو ته اسان جا پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح ڪيترا نه قديم آهن!
جهڙي طرح اڄ جي دور ۾ مزاحمتي ادب، مارشلائن ۽ ڪارن قانونن جي نفاذ جي ردعمل ۾ اچي ٿو، جيڪو گهڻي قدر علامتي هوندو آهي، ساڳي ريت لوڪ ادب به ڦورو ٽولن جي قبضي، ڌارين جي ڌڪار،حاڪماڻي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف عوامي سطح تي بغاوت جو اظهار هوندو آهي، جيڪو واهڻ ۽ وسندين ۾ اُسري نسري ٿو. لوڪ ادب، عام ماڻهن جو ادب هوندو آهي. ان تي ڪنهن به شاعر يا ڏاهي جي سَنَدَ لڳل نه هوندي آهي، البت لوڪ ادب جي ماهرن جي اها پُختي راءِ آهي ته ڪلهوڙن جي دور ۾ لوڪ ادب جي ڪن صنفن تي مختلف شاعرن جا نالا اچي ويا آهن، جيئن جلال کٽي، پيراڻو ڀنڀرو، وتايو فقير وغيره جڏهن ته لوڪ گيت، لوڪ ڪهاڻيون، پهاڪا ۽ چوڻيون اڄ به آزاد حيثيت ۾ ملن ٿيون. هونئن به لوڪ ادب گڏيل عوامي ورثو هوندو آهي. ان تي ڪنهن فرد/ليکڪ جي ڇاپ نه هوندي آهي. سنڌ تي خاص طور ارغونن جي دور کان وٺي، مغل دور تائين سنڌ مٿان جڏهن به ڏکيا ڏينهن آيا آهن، ته انهن سپورنجن پنهنجي ديس واسين کي علامتي انداز ۽ ڳجهه ڳوهه ۾: ڳجهارتن، ڳاهن، ڏورن، ڏٺن توڙي بيتن ۾ حالتن کان آگاهه پئي رکيو آهي. اوهان گهرائيءَ سان غور ڪندا ته معلوم ٿيندو ته اسان جو سمورو ڪلاسيڪي ادب اهڙن اهڃاڻن سان ڀريو پيو آهي. شاهه سائين: سُر رامڪلي ۾ جن جوڳين، ڪاپڙين ۽ نانگن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ بيت جي آخر ۾ ”آءٌ نه جيئندي ان ري“ جو ورجاءُ ڪيو آهي، سا ڪا رواجي ڳالهه نه آهي، ’مورڙو ۽ مانگر مڇ‘ ظلم خلاف سڄو علامتي اظهار آهي، سهڻي، نوري، ليلان، راڻو، مارئي وغيره سڀ علامتي اظهار آهن، جن کي سمجهڻ جي اشد ضرورت آهي. مارئي جي ڳوٺ ڀالوا ۽ عمر ڪوٽ جي وچ وارو مفاصلو ڪُل سَٺ ميلن تي مشتمل هو، ان وقت ٻئي هڪ تعلقي ۾ اچي ٿي ويا، پوءِ شاهه سائين ڪهڙي ريت مارئيءَ کي واپس ’وطن‘ ورڻ لاءِ ڪوششون ڪندي ڏيکاريو آهي. ڀالوا ته ان دور ۾ وڌ ۾ وڌ ويهن چونرن تي مشتمل ڳوٺ هوندو، پوءِ ان کي ’ملڪ‘ ڪهڙي ريت سڏيو ويو؟
ڪهڙي سوچ سامهون رکي، شاهه صاحب هيٺيون بيت چيو هو:
ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،
انهن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي،
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانگيرن جو.
اها ڪهڙي ماجرا هئي؟ ڇا اسين اڄ اهڙو لقاءَ ڪونه پيا پسون! اسان جا مور ملوڪ ماڻهو ڪن اَهنجن ۽ ايذائن سبب هتان لڏي ويا، انهن جي جاءِ تي ڪير آيا؟ شاهه سائينءَ کي ته ماضيءَ جي خبر هئي، جڏهن ارغونن ۽ ترخانن اچي قهر ڪيا ۽ هِتان جي عالمن کي مجبورن لڏڻو پيو. اوهان ’تاريخ مظهر شاهه جهاني‘، ’برهان پور ڪي سنڌي اولياء‘ وغيره پڙهي ڏسو، اهي شاهه سائينءَ کان ٽي چار سؤ سال اڳ جا قصا هئا، جيڪي لوڪ روايتن آڌار هلندا رهيا ۽ شاهه سائينءَ انهن قصن کي تاريخي ڪردارن جي اهڃاڻن ۾ ڀرپور انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
اهڙيءَ طرح ڪن سالڪن ڳجهارتن ۾ ڳالهايو آهي:
ڳجهارت: نالي چيو نرنانءَ کي، هل ته نرنانءَ جي ڪريون.
بند: نالو= سارنگ. نرنانءُ= بادل، نرنانءَ= وس
ڀڃڻي: سارنگ چيو بادل کي ته هل وسڻ جي ڪريون.
ڳجهارت: ڪاٺو ڪاٺ نه آءُ، متان مارن ۾ مرون پوي.
بند: ڪاٺ ’هر‘، ڪاٺ ’هر‘ مرون يعني ڀولو.
ڀڃڻي: هر هر نه آءُ، متان ماڻهن ۾ ڀولو پوي. ]شڪ پوي[
ڳجهارت: وڻ وڃئي ميان سومرا، شل ڪاٺ نه بچئي ڪو.
بند: وڻ= ڄمون، ڪاٺ جو وانگي (لاٽون)
ڀڃڻي: مارئي ٿي عمر کي چئي ته: ڄم وڃئي. ميان، سومرا، وانگي (ڪوبه ماڻهو) نه بچئي ڪو.
سنڌ مٿان ڏکيا ڏينهن گهڻو وقت رهيا آهن اول آرين ڪاهه ڪئي، پوءِ مذهب جي نالي تي ’ٻُڌ‘ آيا، ان کان بعد لڳاتار، ساساني، عرب، غزنوي، غوري، تاتاري، ارغون، ازبڪ، مغل وغيره آيا، انهن پنهنجي قبضي کي قائم رکڻ لاءِ قهري ڪاروايون ڪيون. سکر ماڻهن جي عزتن ۾ هٿ وڌا، بيجا محصول مڙهي، ڌر ڌڻين جي زرعي زمينن تي قبضا ڪيا. فارسي ٻوليءَ کان سواءِ ٻين ٻولين تي پابندي مڙهي. اهڙين ڪٺن حالتن ۾، عزت وارا، ڪاروبار وارا، عالم سڳورا ڏيهه ڇڏي پرڏيهه پڌاريا ۽ سنڌ جا عام لوڪ، شهر ڇڏي، واهڻن ۾ وڃي وسيا. جتي هنن عام ضرورت جي هر هڪ شيءِ: اَٽو، لٽو، اَجهو، ٿانوَ ٿپا، اَنُ پاڻي، سبزيون ڦل وغيره پاڻ اپايا ۽ ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍي. هر وڏي واهڻ ۾ ڊکڻ، کٽي، لوهار، ڪنڀار، سربند، کونهارا، درزي، سونارا، پساري، حڪيم، استاد وغيره آباد هئا، ضرورت جي اها ڪهڙي شيءِ هئي، جيڪا وٽن موجود نه هئي! انهن ئي وسندين ۾، رات جو رس رهاڻيون ڪندا هئا ۽ ’لوڪ ادب‘ جي مختلف صنفن تي پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا، انهن ڪچهرين وسيلي نه صرف ذهني ذوق جو پورائو ڪندا هئا، پر ان سان گڏ، ڪچهريءَ ۾ ويٺل نئين نسل جي اخلاق، اٿي ويٺي، علم، فهم جي آبياري به ڪندا هئا. واضح رهي ته جڏهن اڃا ڌرمي ۽ سماجي تعليم جو رواج نه پيو هو، تڏهن سماجي ضابطي ۽ ذهني سڌاري جو ڪم لوڪ ادب جي مختلف صنفن کان ورتو ويندو هو، جنهن ۾ لوڪ ڪهاڻيون ۽ پهاڪا چوڻيون بنهه اهم هئا.
انهن وسندين جا واسي هر اَهنجِي سَهنجِي ۾ سڀ گڏ هوندا هئا. خوشيون، سانگ، لاڏ ڪوڏ، سندن عام زندگيءَ جو وهنوار هوندو هو. هنن ئي گڏ رونبا لابارا ڪيا، هر هڪ فصل جي نسبت سان ڳيچ ڳايا، هر فهم فڪر ۾، بلڪل آزاد هوندا هئا. سندن سوچ مٿان ڪنهن به حاڪم جا پهرا ڪونه هئا. بلڪل آزاد ۽ خوشحال زندگي گذاريندا هئا، اهڙا اولڙا، سندن لوڪ ادب جي مختلف صنفن ۾ پسي سگهجن ٿا. بلاشڪ ان ڊگهي دور کي سنڌي لوڪ ادب جو سونهري دور چئي سگهجي ٿو. ان دور ۾ اسان جي لوڪ ادب هر صنف ۾ ترقي ڪئي.
ڌارين جي اوچتي حملي لاءِ پاڻ ۾ ڳجهارت، ڏٺ، پرولي، ڳاهه ۾ ڳالهه ڪندا هئا، جيڪا سڀ ڪو سمجهي ويندو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري جو وڏو حصو اهڙي ادب تي مشتمل آهي، جنهن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان مختصر پسمنظر کان پوءِ لوڪ ادب جي مها پرش سائين سنديلي جو ذڪر ڪجي ٿو:
نامور اسڪالر، لوڪ ادب ۽ لغات جو ماهر سائين ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، پنهنجي جوانيءَ کان وٺي عمر جي آخري حصي تائين، اهڙي ادب جي آبياري ڪندو رهيو. هن ڪڏهن سرڪاري ادارن جي ڏاڪڻ استعمال نه ڪئي ۽ نه ئي وري ڪنهن ادارن يا فردن کان مالي سهڪار حاصل ڪيو. پنهنجي محدود آمدنيءَ مان ڪتاب به وٺندو هو ته ڇاپرائيندو به هو. پاڻ وڃي پوسٽ آفيس ۾ ڪتاب پارسل/ رجسٽر ڪرائيندو هو. گهڻي ڀاڱي روانا ڪيل ڪتاب واپس ٿي ايندا هئا، پر هُو ڪنهن کي ڏوراپو به ڪين ڏيندو هو. هو لوڪ ادب بابت ننڍا ننڍا ڪتاب شايع ڪرائي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته جيئن عام ماڻهن جو لاڙو لوڪ ادب ڏانهن وڌي. لاشڪ ته لوڪ ادب جي وسيع ميدان ۾ سندس ڪو به ثاني نه آهي. ڪن وينجهارن لوڪ ادب جي ڪن مخصوص صنفن تي ڪم ڪيو آهي ته ڪن وري سهيڙ جو ڪم ڪيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڊاڪٽر بلوچ جديد دور جي طور طريقن کي سامهون رکي، سٺي رٿابندي سان هڪ پراجيڪٽ ٺاهي، لوڪ ادب جي ڪافي صنفن کي سهيڙيو آهي. جنهن کان انڪار ڪفر جي برابر آهي، البت جيڪا جفاڪشي ڊاڪٽر سنديلي اڪيلي سر، پنهنجن محدود ۽ مختصر وسيلن آهر ڪئي آهي، ان جو ڪو به نظير نه آهي.
ڊاڪٽر بلوچ اڃا ٻاهر اعلى تعليم پرائي رهيو هو ته ڊاڪٽر سنديلو 1940ع واري ڏهاڪي ۾ ڪافي مواد ڪٺو ڪري چڪو هو، جنهن جي ثابتي ان دور جا معياري مئگزين ڏيندا، جن ۾ سنديلو صاحب مختلف صنفن تي تحقيقي مضمون شايع ڪرائيندو هو. جن ۾ هو انهن صنفن جي اهميت، رنگ ڍنگ، انوکن لفظن جي اوک ڊوک پيش ڪندو هو. ٻين لفظن ۾ اسان ائين به چئي سگهون ٿا ته عام پڙهندڙ کي لوڪ ادب طرف چاهه اجاگر ڪرڻ ۾ سنديلي صاحب جو ڪليدي ڪردار آهي. ان ڳالهه جو ادراڪ سائين بلوچ صاحب کي به هو، جڏهن سائين سنديلي صاحب جو لوڪ ادب بابت بنيادي ڪتاب
”وينجهار“ سال 1950ع ۾ آيو، ته ان جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:
”وينجهار ۾ جو وکر ونڌل آهي، سو سنڌ جي عام شاعريءَ ۽ سگهڙپائيءَ جو بي بها سرمايو ۽ اُن جو هڪ انوکو قسم آهي. معنوي لحاظ سان هي هڪ نازڪ فن آهي، جنهن جو مرڪز توڙي دائرو ”تجنيسي تَرڪيب“ آهي، يعني ته ذومعنيٰ الفاظ توڙي آواز ۽ انهن جي شاعرانه پُوچ، هن فن جو قالب ۽ روح آهن. ڏٺِ ۽ پرولي، ڳجهارت ۽ مُعما، هنر ۽ ڪاريگري، دراهو ۽ سَت سُري، ڏور ۽ ڏهس نامون، صفت ۽ سينگار سڀني جون گوناگون شاخون ۽ معنوي محاورا آهن. قابل مصنف بالڪل سهڻي سليقي سان هر باب ۾ انهن عنوانن تي مهاڳ طور روشني وڌي آهي ۽ ان بعد هر عنوان جي مناسب تقسيم ڪري، هر قسم کي مثالن سان ورجايو آهي. وڏي ڳالهه هيءَ ته مصنف هڪ جاءِ ويهي، رڳو خيال ڪين ڊوڙايا آهن، مگر جَهر جَهنگ جهاڳي، سگهڙن کي ڳولي، انهن سان ڪچهريون ڪري، هر جنس کي سندن زباني قلمبند ڪيو آهي. انهيءَ ڪري مصنف، هيءَ ونڊ ڄڻ ڌُرڀاڳين جي ڀاڻ تان ورتي آهي ۽ پوءِ خود وينجهار بنجي ويهي ”وينجهار“ بنايو آهي.“]وينجهار- مهاڳ- ڊاڪٽر بلوچ[
لوڪ ادب جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته 1930ع کان وٺي لوڪ ادب جي سهيڙڻ واري ڪم ۾ هيٺين عالمن ڪوششون ڪيون:
الله بخش نظاماڻي (سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ)، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (ٻولاين جا ٻول)، عبدالحسين شاهه موسوي ۽ محمد ابراهيم عباسي (سرهاڻ)- (سڳنڌ)، ايم.اي بزمي (ڳجهارتون)، پيتامبرداس سهجرام (پروليون)، حاجي عنايت الله زنگيجو (لاڙين جون لاتيون)، محمد سومار شيخ (ڪڇين جا قول)، مريد فقير مهيري (ڳوٺاڻا بيت)، خليفو بلال الدين قريشي (سينگار)، کيمچند ڀيمومل (پروليون)، مقبول صديقي (ڳجهارتون)، ميمڻ عبدالمجيد سنڌ ي (ڏور) ۽ ثناءُ الله ثنائي (ٽيهه اکري).
مٿين داخلا انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو جي ڪتاب ”ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي“ (1976ع) تان ورتي ويئي آهي. ان داخلا مان پڻ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مختلف اديبن پنهنجي سر لوڪ ادب جي ڪن خاص صنفن تي توجهه ڏنو آهي، سنڌي ادبي بورڊ جي سرڪاري فنڊ مان شايع ڪيل لوڪ ادب جي ڪتابن کي هڪ پاسي رکي ڪري، ٿڌي دل سان ويچار ڪبو ته معلوم ٿيندو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو پورهيو سڀني کان سرس ۽ معياري آهي. هڪ طرح سان ڊاڪٽر سنديلي جو ڪتاب ’وينجهار‘ لوڪ ادب جي صنفن جو ابتدائي ڪورس آهي، ۽ ’لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو‘ لوڪ ادب بابت ماسٽرس بلڪ پي.ايڇ ڊي جو مڪمل دستاويز آهي. اهڙي مڃتا سنڌي ادب جي سرواڻ سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پنهنجي لکڻين ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڪئي آهي، بلڪه ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنديلي صاحب جي ڪم کي پنهنجي خوابن جي تعبير ڄاڻايو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:
”حسن اتفاق سان لائق مصنف جو هي ادبي ڪارنامو بلامبالغي بنده جي خواب جو تعبير آهي. هن ڪتاب لاءِ ’مهاڳ‘ لکڻ مصنف جي محنت ۽ لياقت جو کليل اعتراف آهي. اسان کي يقين آهي ته اهلِ عِلم، مصنف جي هن مخلصانه محنت جو پورو پورو قدر ڪندا، ڇاڪاڻ ته هي ڪتاب قدر بلڪ تحسين جي لائق آهي.“ ]وينجهار- مهاڳ- ڊاڪٽر بلوچ[
لوڪ ادب جي سهيڙ ۾ جيڪا بنيادي ڳالهه آهي، اُها هيءَ ته ان رچنا جي ٻولي: قصي/روايت/ ماحول مطابق هجي، ان ۾ آيل لفظن جي ڀڃ گهڙ اهڙي هجي، جيڪا نه صرف قصي ۽ روايت کي نکيڙي نروار ڪري، پر علم لغت جي اصولن مطابق اها وضاحت عام پڙهندڙ به سمجهي سگهي. ڊاڪٽر سنديلي صاحب ان اهم نُڪتي کي خوب نڀايو آهي. لوڪ ادب جي مختلف صنفن بابت سندس هر هڪ وضاحت خوب کان خوبتر آهي. ان حوالي سان، شايد ئي ڪو اهڙو سپورنج هجي! جيڪو سندس جاءِ ڀري! ڇاڪاڻ ته ڪن مُرتبن پروليون، ڏٺيون، ڳجهارتون، هنر وغيره بابت ڪلام ڪٺو ڪيو آهي ته ڪن وري سينگار جا بيت سهيڙيا آهن، پر لغت کي ويجهو ڪو ڪونه ويو آهي، جو اهو هڪ الڳ فن آهي. (ڊاڪٽر بلوچ سينگار بيتن ۾ ڪن لفظن جي معنى ڏني آهي)
علم لغت جو ته هو شهنشاهه هو، ڏيهي ٻولين مان اُها ڪهڙي ٻولي هوندي، جنهن جي وٽس مستند لغت موجود نه هوندي! بقول هن دور جي مهان محقق ۽ علم لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي جي ته ”پوريءَ سنڌ ۾ صرف ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي وٽ سڀني ڏيهي ٻولين جون معياري لغتون موجود آهن، جن کان هو چڱي طرح واقف پڻ آهي. لغت جي فن ۾ سندس ڪو به مدمقابل ڪونه آهي“ ]ان تي تفصيل ۽ تحقيق سان الڳ لکيو ويندو[ بهرحال، لوڪ ادب جي اَنوکن الفاظن جي معنى تي اول کان اڄ تائين ڪنهن به سهيڙيندڙ جوڳو ڌيان نه ڏنو آهي، اهي انوکا الفاظ قديم دور کان هلندا رهن ٿا. البت سائين سنديلي صاحب هر هڪ صنف ۾ آيل انوکن ۽ ڏکين لفظن جي معنى؛ سمجهاڻي ۽ وضاحت مثالن سان سمجهائي آهي، جيڪا تحقيق (Research) جي ميدان ۾ وڏي وٿ ليکي ويندي. هتي هڪ اهم ڳالهه پيش نظر رکڻ گهرجي ته انوکن ۽ ڏکين لفظن ۾ تاريخي حوالي سان ٿورو فرق آهي. لوڪ ادب ۾ انوکا الفاظ قديم روايتن جي نشاندهي ڪندا آهن. مثلاً ڪامڻ، ڪُڻڪ، جاڙ، ماڙ، مرون، اڊڪو، ڄيرو، پاتال، سوڌ، پريو، تيڳڻ، توهار، آنهر، آڌر وغيره. جڏهن ته ڏکيا لفظ لغت ۾ بعد ۾ پاڻمرادو ۽ ٻين ٻولين جي اثر ڪري شامل ٿيا آهن. ڌاتو ڪوش (Etymology) جي حوالي سان اهو هڪ وڏو بحث آهي، وقت مليو ته ان تي قلم کڻنداسين.
جڏهن اڃا عام محققن جو لوڪ ادب طرف ڪاڍو ئي ڪونه هو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب ’لوڪ ادب‘ بابت تحقيقي مقالا لکي، ان جي اهميت ۽ افاديت کان نه صرف عالمن، اديبن ۽ محققن کي آگاهه ڪيو، پر ان اصلي ادب جي لاءِ ميدان پڻ هموار ڪيو، ته جيئن سڄي سنڌ ۾ ٽڙيل پکڙيل مواد کي ميڙي ڪَٺو ڪجي، سائين سنديلي پنهنجي هڙان وڙان لڳاتار ڪتاب لکندو رهيو، جن جي وچور هيٺ ڏجي ٿي:
1.وينجهار (1950ع)
2.سنڌ جو سينگار (1956ع)
3.ڏهس نامو (1969ع)
4.ڪليات حسين ديدڙ (سُگهڙ) (1971ع)
5.ڪليات شاهه محمد ديدڙ (1977ع)
6.ڪليات خان محمد چنجڻي
7.پهاڪن جي پاڙ
8.اصطلاحن جي اصليت
9.لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو (1986ع)
10.ڪوجهيءَ جو ڪلام 1995ع
ڊاڪٽر سنديلي صاحب جا ٻين موضوعن جهڙوڪ شاهه لطيف، سنڌ جي تاريخ، ڪلاسيڪي شاعر، سنڌي ٻولي، سنڌي گرامر وغيره تي ڪتاب الڳ آهن، جن جو ذڪر تفصيل سان بعد ۾ ڪيو ويندو.
سنڌي ادبي بورڊ، پاران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سربراهي ۾ لوڪ ادب جي سهيڙڻ جي رٿا 1955ع ۾ پيش ڪئي ويئي، جيڪا 1956ع ڌاري منظور ٿي. مختلف صنفن تي مواد ڪٺو ٿيڻ شروع ٿيو ۽ رٿا جو پهريون ڪتاب ’مداحون ۽ مناجاتون‘
1959ع ڌاري شايع ٿيو. آخري ڪتاب ’سنڌي هنر شاعري‘ 1991ع ۾ شايع ٿيو.
جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته ڊاڪٽر سنديلو صاحب لوڪ ادب بابت مليل مواد کي سوڌي سنواري، تحقيق جي اصولن مطابق تيار ڪري پوءِ پيش ڪندو هو. جيئن ته لوڪ ادب روايتن جي آڌار هلندو آهي، وقت پڄاڻان راوي ۽ سگهڙ پنهنجي طرفان پنهنجي سوچ سمجهه آهر ان ۾ گل ٻوٽا شامل ڪندا رهندا آهن، انڪري اصل مواد سان مُٺَ پڻ شامل ٿي ويندو آهي، جنهن جي تڪ تور ڪو سالڪ سُڄاڻ ئي ڪري سگهندو آهي. خاص طرح اهڙو عالم جيڪو لوڪ ادب جي تاڃي پيٽي، تاريخي پسمنظر، لوڪ روايتن ۽ خاص طور ٻوليءَ جي سڀاءَ ۽ سٽاءَ کان واقف هجي! عام اديب گس گُسي ويندو. جن اديبن کي ’بوبنا جراڙ‘، ’بديع الجمال‘، ’هوٿل پري‘، ’موکي متارا‘، ’لاکي ڦلاڻي‘ جي قصي جي ڪل ڪانه هوندي، سي ان بابت ڏور ۽ سينگار کي ڇا سمجهندا!
ان حوالي سان سنڌ جي هڪ سگهڙ واهه جو بيت چيو آهي ته:
جيئن ٿا چيندڙ چين، تيئن جي ڏيندڙ ڏين،
ته بيتن کي بيگو چوي ته هوند ڪڪر ڪين پين.
ان ڏس ۾ منهنجي خيالن جي تائيد ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هن طرح ڪري رهيو آهي:
”مليل مواد جي پڙهڻيءَ کي پهرين درست صورت ڏيڻ لاءِ سنديلي صاحب وڏي ڪاوش ڪئي، مليل هر ادب پاري جي صحيح پڙهڻي کان پوءِ ٻيو مرحلو ان جي وصف ڪرڻ ۽ معنى مطلب سمجهائڻ جو هو. اهو پاڻ وڏي محنت ۽ محبت سان ڪيائون. مختلف صنفن جي ٻوليءَ کي پهرين پاڻ سمجهڻ ۽ پوءِ سمجهائڻ جو عزم ڪيائون.“ ]ڊاڪٽر سنديلو- هڪ مطالعو ص. 17[
اسان به ان راءِ جا آهيون ته لوڪ ادب بابت ڊاڪٽر سنديلي صاحب ’تحقيق‘ (Research)ڪئي آهي، باقي عالمن سهيڙڻ (Compilation) جو ڪم ڪيو آهي. هٿ ڪنگڻ کي آرسي ڪهڙي؟ ڪم پاڻ ٻڌائي ٿو. لوڪ ادب جو ڪو به ڪتاب کڻو، پوءِ دوئي دور ڪري، تحقيق جي اصولن کي سامهون رکي، پاڻ فيصلو ڪيو. اندر وارو قاضي، اوهان کي صحيح دڳ لائيندو.
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ محبوب سروري ڊاڪٽر سنديلي صاحب جي ڪتاب ’ڪليات حسين ديدڙ‘ جي ٻئي ڇاپي ۾ ناشر واري نوٽ ۾ لکي ٿو ته:
”ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب سڄي زندگي علم ادب جي خدمت ۾ گذاري. هُو هڪ وڏو عالم ۽ محقق هو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هُو لوڪ ادب جو وڏو ڄاڻو هو. لوڪ ادب سان کيس گهڻو چاهه هو. خاص طور سينگار واري شاعريءَ سان کين عشق هو. ڪيترائي سينگار جا بيت کيس ياد هوندا هئا. ڳالهين ڪندي سينگار جا سهڻا بيت ٻڌائي محفل ۾ رونق پيدا ڪندو هو. لوڪ ادب تي سڀ کان پهرين ’وينجهار‘ نالي ڪتاب لکيائين، پوءِ هن ئي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان کان علاوه. ”سنڌ جو سينگار“ ڪتاب لکيائين، جيڪو 1956ع ۾سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيو. ان کان پوءِ هن ئي فن سان تعلق رکندڙ ڪتاب ’ڏهس نامو (1969ع)‘ لکي پورو ڪيائين.“
محترم محبوب سروري جنهن تحقيقي مقالي جو ذڪر ڪيو آهي، اهو اصل ۾، سائين سنديلي صاحب جو پي.ايڇ ڊي مقالو آهي. جيڪو هن نالي واري عالم مولانا غلام مصطفى قاسمي جي نگرانيءَ هيٺ تيار ڪيو. مقالي جو عنوان آهي ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ جيڪو 1986ع ڌاري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران شايع ڪيو ويو. جيڪو 30 سالن جي وڏي وٿيءَ کان پوءِ بندي جي ڪوششن سان نئين سر، درستين سان’پيڪاڪ‘ جي اداري پاران شايع ڪيو ويو آهي.
ان تحقيقي ڪتاب ۾ هيٺان عنوان بحث هيٺ آندا ويا آهن:
لوڪ ادب جو سرسري جائزو.
پرولي، ٻهڳڻن جا ٻول
·هنر دراهو
·ست سري سينگار
·ڏهس ڏور
·جهيڙا يا مناظرا معجزا
·ٽيهه اکريون مولود
·لولي سهرا
·ڪوڏاڻا ٻيلڻ
·ڇلڙا مورو
·جمالو ڪهاڻيون
·لوڪ ڪهاڻيون آفيمي بادشاهه
·ڪم آيل ڪتابن جي فهرست
·سڄاڻ سگهڙن جي سٿ جو سماچار
انهن عنوانن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته ان مستند ڪتاب ۾، لوڪ ادب جي سمورين صنفن تي وڏي ويچار ۽ مڪمل کوجنا کان پوءِ عام فهم ٻوليءَ ۾ نهايت تفصيل سان لکيو ويو آهي. خاطري سان چئي سگهجي ٿو ته ان اهم ڪتاب ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽن صدين جو اَملهه سرمايو محفوظ ڪيو ويو آهي. جيڪو اساسي ادب، سگهڙپائي، ٻولي، لغت ۽ لوڪ ادب جي شاگردن توڙي استادن لاءِ انمول تحفو آهي.
جيئن اڳ ذڪر ڪيو ويو آهي ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هر ڪتاب ۾، هر صفحي هيٺان ٺيٺ سنڌي لفظن جون معنائون ۽ سمجهاڻيون ڏنيون آهن. بندي جي ڪوشش آهي، ته لوڪ ادب جي سڀني ڪتابن کي سامهون رکي، سنديلي صاحب جي پيش ڪيل اَنوکن ۽ ڏکين لفظن جي معنى بابت هڪ الڳ ’ٺيٺ سنڌي لفظن جي لغت‘ تيار ڪجي. انهن مان ڪافي لفظن آڳاٽن: سمن- ارغونن- مغلن- ڪلهوڙن- ٽالپرن جي دور وارين ٻولين سان تعلق رکن ٿا. قديم سنڌي ٻوليءَ جو اهو هڪ الڳ اڀياس ٿيندو ته گڏوگڏ اساسي ادب جو هڪ وڏو ذخيرو پڻ محفوظ ٿي ويندو.
اڄ جڏهن مان لسانيات ۽ لغات بابت ڪي مضمون ۽ مقالا لکڻ جهڙو ٿيو آهيان ته ان ۾ سائين سنديلي صاحب جو وڏو هٿ آهي، بلاشڪ هُو منهنجو استاد، رهنما ۽ مربي هو، سائين اڃا ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسيپال هو (1976ع) ته منهنجو ساڻس تعلق جڙيو، جيڪو سندس مرڻ گهڙيءَ تائين رهيو ۽ اڃا به آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته ڏکين لفظن جي معنائن ۾ هُو منهنجي رهنمائي ڪندو آهي، يا وري اشارو ٿيندو آهي، ته فلاڻي لغت ڏس، فلاڻو ڪتاب ڀيٽ! بهرحال، مون تي ان ڳالهه جو اثر آهي ته بقول ڀٽائي: ’واٽ وندر جي وڻ پيا ڏسيندا‘ …. اهي اهڃاڻ ۽ اشارا آهن، جيڪي رهبر ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ ڏيندا آهن. ڀلا وڻ ڪيئن نه واٽ ڏسيندا!
بشڪريہ : مهراڻ 1/ 2017ع